SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Parity

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • pæritiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Parity

نيوڪليئر پيئرٽي

نيوڪليائي برابري

هڪ رياست طرفان نيوڪليائي هٿيار سازيءَ ۾ ٻي رياست سان مقابلي بازيءَ کي هن اصطلاح تحت واضع ڪيو ويندو آهي. پر عام طور تي هن اصطلاح ذريعي آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ موجود نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ کي بيان ڪيو ويندو آهي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ نيوڪليائي هٿيار جوڙڻ جي گوءِ ايتري ته وڌي ويئي، جو ان رُخ ۾ ڪنهن به هڪ ڌُر جي برتري ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. نيٺ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين، آمريڪي نيوڪليائي هٿيارن جي تعداد جو دُرست اندازو لڳائيندي پنهنجي نيوڪليائي هٿيارن جو تعداد ايترو وڌائي ڇڏيو، جو اهو آمريڪا سان برميچڻ لڳو. سوويت روس هن ڏس ۾ ايتري ترقي ڪري ورتي، جو اهو آمريڪا جي 90 سيڪڙو نيوڪليائي هٿيارن کي نشانو بنائڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو، جڏهن ته آمريڪا وٽ اهڙي قسم جي جوابي صلاحيت نه هُئي. نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وڃڻ جي انهيءَ صدمي آمريڪي پاليسي ساز حلقن کي نهايت بيچين ڪري ڇڏيو ۽ اُهي ان ڏس ۾ سوويت يونين سان برابري برقرار رکڻ لاءِ نيون پاليسيون ۽ رٿائون جوڙڻ لڳا. آمريڪي صدر ’رونالڊ ريگن‘ جي دور ۾ شروع ڪيل Star Wars پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي هو.


Remember Me Also:

آگمائڻ

’آگمڻ‘ مصدر. مان متعدي بلواسطه هوا ۾ جهُڙ ڪرائڻ. آسمان کي مچائڻ آگم ڪرائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal